ديوان عطارد

ديوان عطارد (ڪتاب): ديوان شيوڪ رام ’عطارد‘ جي فارسي غزلن جو هي ديوان، پنجاب جي شهر ساهن پال ضلعي منڊي بهاؤ الدين جي رهاڪو، فارسي زبان ۽ ادب جي محقق ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ، احسن ترتيب سان رديف وار ترتيب ڏئي، پنجاب يونيورسٽي اورينٽل ڪاليج لاهور جي فارسي شعبي پاران ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 1965ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ديوان شيوڪ رام، ڪلهوڙا دؤر حڪومت ۾ مير منشي هو ۽ ٺٽي جو رهاڪو هو. ايترو ته قابل شخص هو جو سندس ڪن معاصر عالمن کي ساڻس حسد پيدا ٿي پيو هو. هن جي فارسي ڪلام ۾ جيڪا گهرائي ۽ بلندي آهي، اها سندس فڪري ۽ علمي مقام جي شاهد آهي. هن ديوان ۾ ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ شيوڪ رام ’عطارد‘ جي زندگيءَ ۽ ڪلام بابت اردوءَ ۾ تفصيلي مقدمو لکيو آهي ۽ تازو هن شيوڪ رام عطارد جو ٻيو ڪتاب ’انشاءِ عطارد‘ به ترتيب ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو